اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) توانائي وا??ي وزارت بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي ٽوئيٽ م??جب بجلي جي بلن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه س??مر ڏينهن توانائي وا??ي وزارت ۾ ٿيو جنهن ۾ بجلي جي بلن جي مسئلي تي تجويزن کي حتمي شڪل ڏني وئي. اهي تجويزون سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون جڏهن ته حتمي فيصلو وفاقي ڪابينا ڪندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فيصلا ۽ تجويزون منظوري جي لاءِ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون ڇو ته انهن تجويزن ۽ فيصلن جي منظوري جي مجاز رڳو وفاقي ڪابينا آهي.