اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سم??ءَ واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت جي ڪا به سياسي ايجنڊا يا سياسي مينڊيٽ ناهي، قانون واري وزارت جي وضاحت کانپوءِ صدر مملڪت جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل ابهام ختم ٿي ويو آهي، صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي سندس عهدو مان جو گهرجائو آهي، ڪو توقع نه ڪري ته اسان صدر جي مان خلاف ڳالهائينداسين، قانوني ۽ آئيني ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نگران حڪومت آئين اندر رهندي جواب ڏيندي، ابهام ختم ڪرڻ ل??ءِ نگران حڪومت جي ڪوشش کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي. اهڙو اظهار هن قانون واري نگران وف??قي وزير احمد عرفان اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر محمد عاصم کچي به موجود هو. سڌ سم??ءَ واري نگران وف??قي وزير چيو ته صدر مملڪت عارف علوي پنهنجي ذاتي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان پارليامينٽ طرف ٻن بلن بابت ٽوئيٽ ڪيو جنهن سبب ابهام واري صورتحال پيدا ٿي پر ڪنهن به قسم جي ڪا ڀونچال نه آئي، صورتحال واضح آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته قانوني نڪتن جي وضاحت ڪئي وڃي، قانون واري وزارت صدر جي ٽوئيٽ جي حوالي ??ان وضاحت جاري ڪئي جنهن کانپوءِ ابهام ختم ٿي چڪو آهي، صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سڌ سم??ءَ واري نگران وف??قي وزير چيو ته صدر مملڪت جي آئيني عهدي تي رهڻ جي خواهش يا منشا جي خبر ناهي، صدر مملڪت رياست جو سربراهه آهي ان لاءِ تمام گهڻي عزت آهي ڪو به توقع نه ڪري ته اسان صدر جي تعظيم خلاف ڳالهائينداسين، مرتضيٰ سولنگي چيو ته ابهام ختم ڪرڻ ل??ءِ نگران حڪومت جي ڪوششن کي سياسي رنگ نٿو ڏئي سگهجي، هن چيو ته ملڪ ۾ قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ل??ءِ ادارا موجود آهن، شهرين جي حقن جي فراهمي ۽ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ پورو نظام موجود آهي، هڪ سوال تي هن چيو ته مفروضن تي نه پر حقيقت تي ٻڌل ڳالهه ڪنداسين. صدر جي ٽوئيٽ سبب پيدا ٿيل صورتحال جي وضاحت ٿي چڪي آهي، قانون واري وزارت ان حوالي ??ان بيان پڻ جاري ڪيو آهي، جڏهن ته قانون واري وزير به تفصيلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان قطئي اهڙو ڪو عمل نه ڪنداسين جيڪو آئين ۽ قانون خلاف هجي. هن چيو ته اسان جي حڪومتي نظام ۾ ڪو به خال نه آهي، موجوده نگران حڪومت آئين تحت قائم ٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڪو ابهام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جو جواب آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هڪ سوال تي سڌ سم??ءَ واري نگران وف??قي وزير چيو ته اسان آئيني عهدي جي عزت ۽ احترام کي نظر ۾ رکيو آهي.اسان مفروضن تي نه ڳالهائينداسين، صدر مملڪت جي عملي ??ي حوالي ??ان ڪو تبصرو نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ نه ئي کين ڪو مشورو ڏئي سگهون ٿا، هي اسان جو اختيار نه آهي.