اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مستونگ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مستونگ ڌماڪي ۾ جمعيت ع??ماءِ ا??لام جي اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گ??ري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جمعيت ع??ماءِ ا??لام جي اڳواڻ تي حملو هڪ بزدلاڻو فعل آهي جنهن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن زخمين ??ي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.