اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ٽي وي چينلز تي اهم قومي مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ٿيڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ جي اعلان سا?? نگران حڪومت جي خلاف پروپئگنڊه جو خاتمو ٿيندو، ملڪ ۾ بهتر ماحول جي فروغ جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آهن، نگران حڪومت کي عالمي برادري سا?? معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به ??سم جي ڏکي??ئي نه آهي، ڪوشش آهي ته ملڪ جنهن حالت ۾ مليو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪري وڃون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي جي پروگرام ”رياست“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته زندگي جا سمورا تجربا ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آهن، صحافت جي شعبي سا?? واڳيل رهڻ سا?? بطور اطلاعات واري نگران وزير ذميوارين جي ادائيگي ۾ آساني ٿي، مستقبل جي حوالي سا?? مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪندس. هن چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ٽي وي چينلز تي کليل بحث ٿيڻ گهرجي. قومي براڊ ڪاسٽنگ ميڊيا کي پبلڪ سروس پروائيڊر هجڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ مين اسٽريم ميڊيا ۾ انگريزي جو هڪ ئي ٽي وي چينل آهي جيڪو پي ٽي وي جو آهي، اسان کي ان جي معيار ۽ پروگرامن جي ڪوالٽي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي کي معيشت، پرڏيهي ??اليسي، براڊ ڪاسٽنگ سميت اهم مسئلن تي عوامي بحث جي شروعات ڪرڻ گهرجي. ان ڳالهه تي بحث ٿيڻ گهرجي ته هي ??لڪ ڪيئن اڳتي وڌندو. نگران وفاقي وزير چيو ته ويزن ڏيڻ سياسي قيادت جو ڪم آهي، ان تي ضرور بحث ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جو مينڊيٽ نه آهي ته وڏن مسئلن تي پنهنجو ويزن ڏيون، اسان محدود اختيار سا?? محدود مدي جي حڪومت آهيون. اسان جو حلف آهي ته اسان سمورين سياسي قوتن کي برابر موقعا ڏيون، ڪنهن سا?? امتيازي سلوڪ نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي جو ڏينهن آهي ته اليڪشن جو اعلان ٿي ويو آهي، اليڪشن منعقد ڪرڻ جي لاءِ ڪم تيزي سا?? جاري آهي، اليڪشن ڪميشن ٻڌ??ئي ڇڏيو آيه ته جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن ٿيندي. هن چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن جي اعلان کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به تيزي آئي، اها ڳالهه يقيني آهي ته ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو ته معاشي استحڪام به ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ??لڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. اسان پنهنجون تجويزون اڳئين حڪومت ڏئي وينداسين. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا وڃن، اسان سمورين سياسي پارٽين سا?? گڏجي ڪم ڪريون ته جيئن ملڪ ۾ چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي. هن چيو ته رياستي ميديا کي ماڻهن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ گهرجي ته جيئن صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ميڊيا تي پابنديون نه هجڻ گهرجن پر خبر تي ادارتي ڪنٽرول ضرور هجڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۾ افراتفري جو ماحول پيدا نه ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊون ويجهو آهن، هر هڪ کي سياست ڪرڻي آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي سا?? زيادتي ٿئي ٿي ته شڪايت ڪرڻ تي ڪا پابندي نه آهي، عوام جي عدالت به کليل آهي، ميڊيا ۽ قانون جون عدالتون به کليل آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻ اسان جي لاءِ لازمي آهي، اسان سياسي حڪومت نه آهيون، هڪ آئيني حڪومت آهي، اسان جو محدود مينڊيٽ آهي، آئين جي آرٽيڪل 224 تحت اسان جو وجود آهي، نگران حڪومت کي عالمي برادري سا?? معاملا طئي ڪرڻ ۾ ڪنهن به ??سم جي ڪا ڏکي??ئي نه آهي. هن چيو ته موجوده ڪابينا ۾ سمورا وزير پنهنجي شعبن ۾ ماهر آهن، اسان وٽ رياست جا ادارا به موجود آهن ۽ اهل ڪابينا به. اسان جي ڪوشش هوندي ته ملڪ جنهن حالت ۾ اسان کي مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون. هن چيو ته جيستائين ملڪ جي معيشت جا بنياد صحيح نه ٿيندا ملڪ ۾ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي.