اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ چيو آهي ته حج جهڙي اهم مذهبي فرض سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن، حاجين جي لاءِ ??يل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪي?? وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته ان جي وسيلي پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن، حج پاليسي فوري طور تي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪي?? وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ جي صدارت ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم کي حج جي حوالي سان قدمن ۽ حج پاليسي 2024ع جي تياري جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪي?? ويو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته حج جهڙي اهم فرض کي سرانجام ڏيڻ کي حاجين جي لاءِ آسان ۽ سستو بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. هن هد??يت ڪئي ته حاجين جي لاءِ ??يل انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪي?? وڃي ۽ گهٽ خرچ ۾ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن وڌيڪ هد??يت ڪئي ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو يقيني بڻايو وڃي ته انهن جي وسيلي سان پرائيويٽ اسڪيم تحت ويندڙ حاجين کي پڻ ڪنهن به قسم جون مشڪلاتون پيش نه اچن. نگران وزيراعظم هد??يت ڪئي ته حج پاليسي جلد وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.