اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد (آءِ ??يس ??يس آءِ) ۾ انڊيا اسٽيڊي سينٽر ڄمون ڪشمير لاءِ او آءِ سي سيڪريٽري جنرل جي سياسي معاملن واري خصوصي نمائندي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل يوس?? الدوبي سان هڪ گول ميز مباحثي جي ميزباني ڪئي. آءِ ??يس سي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خرم عباس وفد جي آجيان ڪندي ڄمون ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي موقف جي او آءِ سي جي مسلسل حمايت ??و ذڪر ڪندي چيو ته او آءِ سي ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ سدائين مضبوط آواز اٿاريو آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳوڻي ڪنوينر غلام محمد صفي، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزير فرازانه يعقوب، ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل افيئرز جي چيئرمين الطاف حسين واني، اڳوڻي سفير ۽ اڪيڊمڪس آءِ پي ??يس جي وائيس چيئرمين سيد ابرار حسن، تعليمي ماهرن ۽ يونيورسٽي جا شاگرد شامل هئا. اڳوڻي گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي آءِ ??يس ??يس آءِ سهيل محمود وفد جي آجنيا ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر ??ي حيثيت ??ان ڪهڙي طرح اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، فلسطين جي موجوده صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايمبيسڊر سهيل محمود چيو ته فلسطين ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا 2 قديم ترين تڪرار آهن، ٻئي تڪرار خود اراديت ??ي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق بابت آهن ۽ ٻنهي قابض طاقتن جي هٺ ڌرمي سبب حل طلب آهن، هن چيو ته او آءِ سي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين جي ??ود??ختياري واري حق جي مسلسل ۽ واضح حمايت ڪئي آهي، ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ڪندي هن خاص طور تي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته دنيا ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لاءِ هڪ ناپاڪ ڊزائين لاڳو ڪرڻ کي ڏسي رهي آهي جيڪا عالمي قانونن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهي. هن وفد تي زور ڀريو ته هو ڄمون ڪشمير تي او اءِ سي جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري جيڪو اسلام آباد ۾ مارچ 2022ع ۾ پرڏيهي وزيرن جي 48 هين ڪائونسل دوران منظور ڪيو ويو هو ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار تي او آءِ سي جي قراردادن کي وقت سان گڏوگڏ منظور ڪيو ويو هو. خاص نمائندي يوس?? الدوبي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي حوالي سان بيداري پيدا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن سان سڄي دنيا ۾ مسلمانن جو تعلق آهي. هن ڪشمير ڪاز لاءِ او آءِ سي جي مستقل حمايت ??و ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته او آءِ سي ڪڏهن به ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ڀارت جي غير قانوني قدمن جي حمايت ناهي ڪئي. هن او آءِ سي جي مطالبي کي ورجايو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت طرفان کنيل قدمن کي واپس ورتو وڃي. شرڪت ڪندڙن ڪشميرين جي ??ود??ختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي فعال طريقي سان پيروي ڪرڻ جي اهميت ??ي زور ڀريو. آءِ ??يس ??يس آءِ جي چيئرمين ايمبيسڊر خالد محمود ڄمون ڪشمير جي ماڻهن لاءِ او آءِ سي جي تاريخي ۽ ثابت قدم حمايت کي ساراهيندي سيشن جي پڄاڻي ڪئي.