بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ، گوادر کي گڏيل رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ج??ري رکندو. عظيم عوامي هال بيجنگ ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ چين جي گهڻ رخي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سدا بهار تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن، سي پيڪ، پنهن??ي پراڻي ۽ ثابت قدم دوستي جو ورجاءُ ڪيو. نگران و??يراعظم ان کي ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪاميابي ۽ ب?? آر آئي جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏني. نگران و??يراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان علائقائي رابطن ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ گوادر کي رابطن جو مرڪز بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ج??ري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران و??يراعظم چيو ته چيني صدر شي جن پنگ کيس يقين ڏياريو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ اسان جي جاگرافيائي بيهڪ جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ۽ علائقائي واپار ۽ معاشي مرڪز جي طور تي اسان جي حمايت جاري رکندو جيڪو اسان جو گڏيل ويزن آهي، مون صدر شي جن پنگ کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن خوشي سان قبول ڪري ورتو.