اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع، پاڪستان پوسٽل سروسز مئنيجمينٽ بورڊ (ترميمي) آرڊيننس 2023ع ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو آهي. لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽريز انهن آرڊيننسز جي فوري ضرورت تي صدر کي بريفنگ ڏني جيئن ته انهن چئن رياستي ملڪيت انٽرپرائيزز (ايس او اي) جي حوالي سان هلندڙ سال جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف سان اتفاق راءِ ٿيو هو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب انهن ادارن جي قانونن ۾ ترميمن جن تي صدر صحيحون ڪيون آهن، انهن کي جنوري 2023ع ۾ لاڳو ڪيل رياستي ملڪي ادارن (گورننس اينڊ آپريشن) ايڪٽ 2023ع موجب آڻڻ جي لاءِ ڪيو ويو آهي. خدمتن جي فراهمي جي معيار کي وڌائڻ ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط آڻ?? ايس او ايز جي گورننس ۽ آپريشنز کي بهتر بڻائڻ آهي. حڪومت هاڻي ايس او اي قانون جي شقن کي اهڙن ادارن تائين توسيع ڏيڻ جي عمل ۾ آهي جيڪي خصوصي قانونن تحت هلن ٿا ان سان انهن جا آپريشنز موثر ۽ شفاف ٿيندا. اهي ترميمون رياستي ملڪيتي ادارن (ايس او اي) سڌارن جو حصو آهن جن تي پاڪستان حڪومت عالمي حصيدارن سان اتفاق ڪيو آهي ۽ آءِ ايم ايف ۽ ايس بي اي ۾ هڪ بئنچ مارڪ طور شامل آهن. نئين ترميمن ذريعي بورڊ جي چيئرمين ۽ چيف ??يگ??يڪيوٽو جي آفيسن کي مٿي ڄاڻايل سمورن ادارن ۾ جدا ڪيو ويندو ته جيئن عالمي بهترين طريقن موجب بهترين گورننس کي يقي??ي بڻائي سگهجي. انهن ادارن جي بورڊز ۾ آزاد ميمبرن کي شامل ڪيو ويندو جيڪي ف??صل??سازي جي عمل ۾ نئين تصورن ۽ آزاداڻي مهارت جو اضافو ڪندا. آزاد ميمبرن جي ملازمت جي مدي جي حفاظت کي پڻ يقي??ي بڻايو ويو. اهي ترميمون ايس او ايز ايڪٽ جي ٻين شقن جي لاڳو کانسواءِ سينٽرل مانيٽرنگ يونٽ جي ڪارڪردگي ۽ ساليا??ي بزنس پلان جي تياري سميت عوامي آگاهي کي پڻ يقي??ي بڻائينديون. اهو يونٽ ناڻي واري وزارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ايس او ايز جي ڪارڪردگ?? جو جائزو وٺڻ، ساليا??ي بزنس پلان جي تياري ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ رپورٽس تيار ڪرڻ آهي. انهن قدمن سان انهن ايس او ايز جي فعاليت، نگراني ۽ شفافيت کي يقي??ي بڻائڻ ۾ مدد ملندي. سي ايم يو اسٽيٽ اونڊ انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي جي ڪارڪردگي جي حوالي سان باقاعدگي سان رپورٽ پيش ڪندو، اهڙي طرح وفاقي حڪومت جي انهن ايس او ايز جي ڪمزورين ۽ خوبين کي واضح ڪري سگهبو. مجموعي طور تي انهن سرڪاري ادارن جي قانونن ۾ ترميمن سان بهتر طرز حڪمراني، خدمتن جي فراهمي ۽ عوام ک?? جوابدهي يقيني ٿي سگهندي.