اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ (زيڊ اي آر آر اي) بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ٻارن جي تحفظ جي لاءِ ان کي موثر لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، سمورن صوبن جي پوليس ۽ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايجنسي سميت مختلف ڌرين جي وچ ۾ موثر رابطه ڪاري ۽ معلومات جي فو??ي حصيداري گم ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي وقت سر بازيابي ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع لاڳو ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري الهڏنو خواجه، آءِ جي اسلام آباد، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب پوليس جي ايڊيشنل آءِ جيز، اين جي اوز جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ 2020ع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته 2020ع کان هيستائين 2246 ٻارن جي گم ٿيڻ جا ڪيسز رپورٽ ??يا ??هن. هن زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري ايڪٽ جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي بابت اجلاس کي آگاهه ڪي??. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پي ايم پورٽل تي ڊيٽا کي محفوظ رکڻ ۽ ZARRA اينڊ رائڊ ايپ لانچ ڪرڻ کانسواءِ پوليس سان ڪوآرڊينيشن مڪينزم پڻ قائم ڪي?? ويو آهي. اجلاس ۾ ضلعي ۽ ڪميونٽي جي سطح تي پوليس آفيسرن جي لاءِ تربيتي ماڊيول جوڙڻ تي اتفاق ڪي?? ويو ته جيئن گم ٿيل ٻارن جي جلد بازيابي جي لاءِ فو??ي ۽ وقت سر ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ انهن کي آگاهه ڪري سگهجي.