اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ عالمي اق??صا??ي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 کان 19 جنوري تائين سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيوس جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. عالمي اق??صا??ي فورم موجوده رجحانن ۽ چئلينجن، دنيا جي جوڙجڪ جي اڳڀرائي ۽ گڏيل پاليسي ردعمل کي جوڙڻ جي لاءِ حڪومتي ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن جو ساليانو ميڙ آهي. هن سال جي اجلاس جي ٿيم ”ري بلڊنگ ٽرسٽ“ آهي. ترجمان چيو ته نگران وزير??عظ?? ٽن اهم موضوعن واري تقريبن ۾ شرڪت ڪندو جن ۾ عالمي تڪرارن کي دور کي ر??ڪڻ، عالمي نظام تي اعتماد بحال ڪرڻ ۽ اق??صا??ي ڀڃ ڊاهه کي ر??ڪڻ شامل آهي. نگران وزير??عظ?? عالمي اق??صا??ي فورم ۾ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامز“ جي موضوع تي اهم خطاب به ڪندو ۽ حڪومتي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو.