ڪراچي-05 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز ??ار??يءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ??هي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي روڪڻ ل??ءِ 8 فيبروريءَ تي پ پ جي ڪاميابي تمام ضروري آهي. هن يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ??هي ته ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائڻ ل??ءِ 8 فيبروريءَ جي چونڊن ۾ پ پ جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ??ه قائدِ عوام شهيد ڀٽو قائداعظم جي مؤقف کي اڳتي وڌايو. شهيد ڀٽو چيو هو ته جيڪڏهن اسان ڪشمير خاطر ه?? هزار سال تائين جنگ وڙهنداسين ته به وڙهندا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو هر سال 5 فيبروريءَ تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هن فيصلي ڪشمير ڪاز کي اڻ مٽ بڻائي ڇڏيو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هن قدم جي گونج دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻُڌي وڃي ٿي.