اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته چونڊ نتيجا توقع مطابق آهن، تمام وڏا سياسي ادارا عام طور تي چونڊ نتيجن کان مطمئن آهن، جيڪي بدلجندڙ حقيقتن ۽ قوم جي مزاج جي عڪاسي ڪن ٿا، اهي سڀ ان حقيقت طرف اشارو ڪن ٿا ته چونڊون واقعي آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿيون آهن. جذباتي سياسي ماحول ۽ عوامي جذبا رياست جي فيصله سازي جي عمل کي متاثر ڪندڙ سنگين خدشا هئا. اهي چونڊون پاڪستاني قوم لاءِ خوشحاليءَ جو سبب بڻجنديون. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان انتهائي اطمينان سان پاڪستان ۾ غير معمولي سيڪيورٽي صورتحال ۾ چونڊون رٿڻ جو ذڪر ڪريون ٿا. هزارن جي انگ ۾ هٿياربند فوج ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سويلين اهلڪارن جي هزا??ين چورس ڪلوميٽرن جي علائقن ۽ سخت موسم ۾ محدود وقت اندر مقرر ڪرڻ ڪو معمولي ڪارنامو نه هو. ان عظيم مشق جي ڪامياب بندوبست کي رياست جي سمورن ادارن جي اجتماعي ڪوشش سان ئي ڳنڍي سگهجي ٿو. پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد تنظيمون جهڙوڪ ٽي ٽي پي، داعش ۽ غير ملڪي اسپانسر ٿيل هٿياربند تنظيمن جون تصديقي اطلاعات موصول ٿيا آهن جيڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شه??ين تي حملا ڪري امن ام??ن جي سنگين صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن قوم جي پختي عزم کي ڪمزور ڪري سگهجي ۽ کين پنهنجي جمهوري حق جي استعمال کان باز رکن. هن چيو ته چونڊن کان پهرين، هٿياربند ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سڄي ملڪ ۾ انٽيليجس جي بنياد تي دهشتگرديءَ جي خاتمي وا??ين ڪاررواين ۾ سرگرم عمل هئا. گذريل ڪ??هه هفتن ۾ ڪيترائي سنگين واقعا پيش آيا، جن ۾ شه??ين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪنن کي شديد نقصان پهتو. چونڊن کان صرف هڪ ڏينهن اڳ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ 28 ڄڻا فوت ۽ 64 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جنهن رياست کي پنهنجي شه??ين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو. ان ۾ سڄي ملڪ ۾ موبائل فون سروسز کي معطل ڪرڻ جو مشڪل فيصلو به شا??ل هو ته جيئن دهشتگردن جي رابطن ۽ دهشتگرداڻين ڪارواين کي انجام ڏيندڙ ذريعن کي روڪي سگهجي. موبائل ڊوائيسز، انساني قتلن جي لاءِ جديد ڌماڪا خيز اوزار هلائڻ ۾ استعمال ٿيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پوريءَ ريت خبر هئي ته موبائل سروس جي معطليءَ سان پاڪستان ۾ چونڊ نتيجا متاثر ٿيندا ۽ ان عمل ۾ دير ٿيندي، جڏهن ته ان دير ۽ اس??ن جي شه??ين جي سلامتيءَ وچ ۾ موبائل سروسز جي معطلي جي چونڊ ڪافي واضح هو ۽ ??ن جو فيصلو ڪيو ويو. حساس علائقائي ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ پولنگ اسٽيشنن جي رستن ۾ آءِ اي ڊيز جي امڪانن کي روڪڻ لاءِ مناسب بم ڊسپوزل ڪليئرنس ڪرڻي پئي جنهن ۾ ڪافي وقت شا??ع ٿيو. وڏي پيماني تي پکڙيل پولنگ اسٽيشنن خاص طور تي بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ هيستائين جو پنجاب ۽ سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن مان چونڊ نتيجن جي فزيڪل چُرپُر ۽ اهڙيءَ طرح جي وسيع حفاظتي قدمن سان هڪ محنت طلب ۽ وقت طلب مشق هئي. چونڊن نتيجا توقع مطابق آهن ۽ ان لکين ماڻهن جي اُمنگن جي عڪاسي ڪن ٿا جيڪي ووٽ وِجهڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ ٻاهر نڪتا. سمورا وڏا ادارا خاص طور تي ان چونڊ نتيجن کان مطمئن آهن جيڪي بدلجندڙ حقيقتن ۽ قوم جي مزاج جي عڪاسي ڪن ٿا، هي سڀ ان حقيقت طرف اشارو ڪن ٿا ته چونڊون واقعي آزاد ۽ منصفاڻيون ٿيون. گهرو وزير جو چوڻ هو ته سخت حفاظتي قدمن باوجود چونڊن جي ڏينهن سڄي پاڪستان ۾ دهشتگرداڻن حملن سبب 61 پرتشدد واقعا ٿيا جن ۾ جديد هٿيارن ۽ ڌماڪا خيز اوزارن جو استعمال ڪيو ويو جنهن ۾ 16 شه??ين جون جانيون ويون ۽ 54 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته پاڪست??ن جي آئين مطابق ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ عوام کي اڃا به قانوني آپنشز جو مڪمل سهارو حاصل آهي. اسان ان ڏينهن جي حوالي سان قومي مفادن کي سامهون رکندي درخواست ڪريون ٿا ته اس??ن جي ڳالهه کي سمجهو ۽ اس??ن جي حمايت ڪريو. ان تاريخي مشق ۾ شا??ل سمورا ادارا خاص طور اليڪشن ڪميشن جنهن جو سيڪيورٽي صورتحال تي تمام گهٽ ڪنٽرول هو. تنقيد ۽ تذليل بدران تعريف ۽ شڪرگذاريءَ جا حقدار آهيون.