اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پا??ست??ن ٽيليويزن 2024ع جي چونڊن جي ڪوريج دوران غيرجانبداري جو خيال رکيو، پي ٽي وي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته هو ٻين چينلز جي لاءِ رول ماڊل آهي. اها ڳالهه هن پا??ست??ن ٽيليويزن هيڊڪوارٽرز ۾ چونڊن جي مسلسل ڪوريج سان واڳيل ملازمن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چيو ته عام چونڊن جي ڏينهن رات مسلسل نشريات پا??ست??ن ٽيليويزن جي سمورن شعبن جي اڻٿڪ محنت سان ممڪن ٿي آهي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير چيو ته پا??ست??ن ٽيليويزن جي پروفيشنلز غيرجانبداري جو خيال رکيو جيڪا شاندار ڪوريج جي پيشيواراڻي معيار ۽ اميدن تي پورو لهي ٿي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري وف??قي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته وڏي پئماني تي غيرمعمولي ڪوريج کي بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ ايم ڊي پي ٽي وي سميت سمورن ملازمن ۽ شعبن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير شاهه چيو ته پا??ست??ن ٽيليويزن جي ملازمن عام چونڊن دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. پرائيويٽ ميڊيا ۾ پڻ ان حوالي سان پي ٽي وي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو. هن چيو ته هن تقريب جو مقصد ملازمن جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. واضح رهي ته ملڪي تاريخ جي 12 هين عام چونڊن جو مرحلو ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، 12 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ووٽرز جي لاءِ چونڊن ۾ پولنگ جي عمل کان وٺي نتيجن تائين سمورن مرحلن جي بنا رڪاوٽ ڪوريج ۽ لائيو رپورٽنگ کي پي ٽي وي بهتر طريقي سان نڀايو. ان حوالي سان پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي ۽ مختلف پروفيشنلز ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا. تقريب جي آخر ۾ پا??ست??ن ٽيليويزن انتظاميا پاران اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات واري وف??قي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ايم ڊي پي ٽي وي مبشر توقير شاهه کي شيلڊز پيش ڪيون ويون.