اسلام آباد– 29 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ??لس??يني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهندو ۽ هر فورم تي انهن جي لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ??لس??ين جي سفير احمد جواد ربيع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سفير صدر آصف علي زرداري کي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مب??رڪباد ڏني. هن غزه جي پٽيءَ ۾ بي??ناهه ??لس??ينين جي خلاف اسرائيلي فوج جي ظلمن ۽ دهشتگردي تي روشني و??ي. ??لس??يني سفير سان ڳالهائيندي صدر ??لس??يني عوام جي بهادري ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف ڊگهي جدوجهد کي ساراهيو. صدر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها سمورين رڪاوٽن کي هٽائي ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ ??لس??يني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي غزه ۾ انساني امداد جي آزاداڻي پهچ جي لاءِ ڪوششون ڪري. هن چيو ته پاڪستان ??لس??يني عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن سميت اضافي امدادي سامان موڪليندو. ??لس??يني سفير تعليم جي شعبي ۾ پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو، 50 هزار کان وڌيڪ ??لس??يني پاڪستان جي تعليمي ادارن مان مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. هن ??لس??يني صدر محمود عباس جو سلام پڻ پيش ڪيو ۽ ??لس??يني عوام سان مسلسل حمايت ۽ يڪجهتي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.