اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ م??رر جمهوريه آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ملاقا?? ڪئي. آذري سفير جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو. هن جون 2023ع ۾ باڪو جي ??ور?? دوران آذربائيجان جي قيادت سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي صدر عليوف جي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري ??ور?? ڪرڻ جي ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان کي نومبر 2024ع ۾ م??عقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪ??پ 29 سربراهي اجلاس جي لاءِ ميزبان جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو اڳئين هفتي آذربائيجان جي ماحوليات واري وزير جي استقبال جو منتظر آهي جيڪو ڪ??پ 29 جي اجلاس جي لاءِ آذري صدر جو باضابطا دعوتنامو کڻي ايندو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، رابطن، تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد باڪو موڪلڻ جو ارادو رکون ٿا، پاڪستان جلد کان جلد پاڪستان آذربائيجان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي جتي ٻئي ڌريون مختلف ش??بن ۾ تعاون سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن ٿيون. آذري سفير باڪو ۽ ڪراچي جي وچ م اڏامن جي تازي افتتاح کانسواءِ باڪو ۽ اسلام آباد سان گڏوگڏ باڪو ۽ لاهور جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي هلندڙ اڏامن تي روشني وجهندي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال بابت وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جو هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان جو ??ور?? پڻ متوقع آهي. هن وزيراعظم کي مختلف اداراجاتي مڪينزم ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ اهم ملاقاتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. باڪو شهر جي خوبصورتي کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هو اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ اضافي جي حوالي سان باڪو جي طرز تي اڏاوتن جو خواهشمند آهي. هن اسلام آباد ۽ باڪو جي وچ ۾ سسٽر سٽي معاهدي جي تجويز پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو ۽ صدر الهام عليوف جي جلد اسلام آباد جي ??ور?? جو پڻ منتظر آهي.