اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آه?? ته چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻن??ا. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يا?? موجب وزيراعظم ارشاد احمد عارف کي صدر، اعجازالحق کي سيڪريٽري جنرل، انور ساجدي کي سينيئر نائب صدر ۽ باقي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جون ملڪ ۾ معياري صحافت جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پراميد آهيان ته سي پي اين اي جا نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻن??ا. ??ن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. صحافتي برادري جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.