اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان لازوال رشتي ۾ ٻڌل آه??، چيني شهرين کي مفت ويزا جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آه?? جنهن تي 14 آگسٽ کان عملدرآمد ٿيندو، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آه??، گڏيل منصوبن جي ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان منتقلي لاڀائتي ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 12 رڪني اعليٰ سطحي چيني وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن وانگ فوڪانگ جي قيادت ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزي??، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چيني وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ توهان جي آجيان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آه??، يقين آه?? ته توهان جو دورو انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيندو، چيني قيادت سان ملاقاتن جي نتيجي ۾ اعليٰ سطح جا وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آه??. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ صنعت، زراعت ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ تعاون وڌندو، ٻنهي ملڪن ۾ کاڻين جي کوٽائي، معدنيات ۽ آءِ ٽي ۾ به تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته چيني وفد جي دوري سان سيڙپڪاري کي فروغ ملندو، اسان چين جي ترقي جي ماڊل تي پنهنجي معيشت جو فروغ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعتي تعاون وقت جي گهرج آه??، گڏيل منصوبن جي ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان منتقلي فائديمند ثابت ٿيندي، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آه??. وزيراعظم چيني وفد کي آگاهه ڪيو ته ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ چيني شهرين کي مفت ويزا فراهمي جو فيصلو ڪيو ويو آه??، ان فيصلي تي عملدرآمد 14 آگسٽ کان ٿيندو. وزيراعظم وفد سان بشام واقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرف??ار ڪيو ويو آه??، انهن ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، پاڪستان ۾ چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آه??. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان دوستي جبلن کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آه??، چين جي تعاون سان پاڪستان پنهنجو سيٽلائيٽ فضا ۾ موڪليو آه??، ٻنهي ملڪن جي دوستي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آه??. چيني وفد وزيراعظم جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آه??. 12 رڪني چيني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آه??. وزيراعظم چيني قيادت صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو.