اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري پاڪستاني رانديگر عامر خان کي ٿائيلينڊ ۾ ٿيندڙ ستين تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته راندين جي ميدان ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر تائيڪوانڊو جي مقابلي ۾ شاندار ڪارڪ??دگ?? تي عامر خان کي ساراهيو. هن چيو ته عامر خان شاندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. صدر اميد ظآهر ڪئي ته عامر خان مستقبل ۾ به بهتر ڪارڪ??دگ?? جو مظاهرو ڪندو رهندو. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، پاڪستان ۾ مختلف راندي?? تي ڌيان ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر آ??ف علي زرداري عامر خان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.