اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ايران جي شهر يزد ۾ بس حادثي ۾ شه??د ٿيل پاڪستاني زائرين جا مڙهه واپس آڻڻ لاءِ جمعي ڏينهن سي ون ٿرٽي جهاز ايران روانو ٿي ويو. جاري بيان موجب پاڪستان ايئرفورس جو سي ون ٿرٽي جهاز نور خان ايئربيس کان ايران جي لاءِ روانو ٿيو جيڪو جمعي ڏينهن ٽپهر ساڍي 3 وڳي تائين يزد ايئرپورٽ ايران پهچندو. پاڪستاني زائرين جا مڙهه ايران مان واپس آندا ويندا. وزيرا??ظم محمد شهباز شر??ف ذاتي طور تي پاڻ سڄي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته حادثي جو شڪار ٿي??دڙ بدقسمت بس ۾ سوار 51 مسافرن مان 28 پاڪستاني زائرين شه??د ٿي ويا آهن، جڏهن ته 23 زخمي ٿيا آهن ۽ 14 زائرين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. يزد ايران کان لاڙڪاڻي تائين ڊگهي فاصلي ۽ گرم موسم جي ڪري ايران ۾ پاڪستان جي سفير پاڪستاني زائرين جا مڙهه فضائي رستي وسيلي پاڪستان موڪلڻ جي سفارش ڪئي هئي، ان حادثي ۾ شه??د ٿي??دڙ پاڪستاني زائرين مان اڪثر جو تعلق سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي سان آهي.