اسلام آباد-04 سيپٽمبر (ا?? پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير ??زه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبيڪ عارف عثمانوف اربع ڏينهن سندس آفيس ۾ ملا??ات ڪئي. ملا??ات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ??الهه ٻولهه ٿي. ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. مملڪتي وزير ??زه فاطمه چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ??سي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سيڪٽر ۾ تعاون اهم آهي، پاڪستان ۽ ازبڪستان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ازبڪستان جي سفير چيو ته پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ تعاون وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، چاهيون ٿا ته ازبڪستان جي ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز واري وزارت ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جو جوائنٽ ورڪنگ گروپ قائم ٿئي، ازبڪستان پاڪستان سان اسٽارٽ اپس ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ جو خواهشمند آهي.