گوجرانوالا – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جي ٻاهرئين قرضن ۾ 84 سيڪڙو اضافو ٿيو، ملڪي معيشت کي کوکلو ڪيو ويو ۽ خزاني کي بيدردي سان ڦري ??يو، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ڪرپٽ مافيا اڳ ۾ به هڪ هئا هاڻي به هڪ آهن. هو گکڙ منڊي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پي پي 53 تان نامزد اميدوار جمال ناصر چيما سميت پارٽي ا??واڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو.