اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ شروع ٿي وئي آهي، حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ آ??انيون پيدا ڪري رهي آهي، ايندڙ مرحلي ۾ اسان کي پنهنجي نوجو??نن کي روزگار ڏيڻو آهي، چين سان ڪڏهن به ايترا ??هت?? لاڳاپا نه هئا جيترا هاڻي آهن، گڏيل منصوبن جي حوصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. ميسرز ايم ايس ڊي ٽائر اينڊ رٻر ڪمپني، ميسرز ڊبل اسٽار چائنا ۽ ڊائيوو پاڪستان ايڪسپريس بس سروس جي وچ ۾ پاڪستان جي ٽائرن جي تياري جي ٽه ڌريي معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چين جي ڪمپني پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا.