اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بي جي پي جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان 126 ڏينهن ڊگهو ڪرفيو ۽ ميڊيا بليڪ آئوٽ والاريل ڪشمير جي عوام جي بنيادي حقن جي کليل خلاف ورزي آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن سعودي پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ سعودي عرب جي شوريٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر ??بدالله بن محمد بن ابراهيم الشيخ جي سربراهي ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي.