اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي سوچ ۾ تبديلي اچي رهي آهي، نيوٽريشن?? موسمياتي تبديلي ۽ هيلٿ ڪيئر جي شعبي ۾ چئلينجز د??پيش آهن، محدود وسيلن ۾ رهندي عوام جي ڀلائي حڪومت جي ذميواري هوندي آهي?? مواصلاتي رابطن ۽ معلومات جي مٽاسٽا ۾ اضافي سان صورتحال تبديل ٿي رهي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ گ??يل ڪوششون گهربل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ برطانيا مان آيل سائنسدانن ج?? مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.