اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته موجوده غيرمعمولي صورتحال ۾ لاڪ ڊائون کان وڌيڪ بک ۽ بد??ال?? خطرناڪ آهي، لاڪ ڊائون ڪورونا جو علاج نه عارضي قدم آهي?? جيستائين معيشت بحال نه ٿي ٿئي غ??يب ۽ لاچار طبقي جون مشڪلاتون وڌنديون، ڪورونا جي روڪٿام ۽ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪ??ڻو پوندو، احتياطي تدبيرن بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، پوليس عوام تي سختي بدران دوستاڻو رويو اختيار ڪري، لاڪ ڊائون جي حوالي سان حڪومتي پاليسي بلڪل واضح آهي، عوام جي زندگين کي غيرضروري خطري ۾ وجهڻ کانسواءِ هر ان شعبي ۾ سهولت ڏني ويندي جنهن سان عوام ۽ خاص طور تي غ??يب ۽ سفيد پوش ماڻهن جو ڪاروبار واڳيل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.