اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي ڪورونا وائرس بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ رضاڪارن جي ضرورت آهي، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ٽائيگرفورس جي ذميداري ۾ شامل آهي، ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي باقاعده ڪارڊز جا??ي ڪيا وين??ا، ٽائيگر فورس مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ به معلومات ڏيندي، ماڪڙ جي خاتمي لاءِ به ٽائيگر فورس جا رضاڪار ڪم ڪن??ا، ڪلين اينڊ گرين ??اڪ??تان مهم ۾ به رضاڪار فورس پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، ??اڪ??تان وڌيڪ لاڪ ڊائون جي سٽ نٿو سهي سگهي، ڪورونا جي ڪري ٽيڪس وصولين ۾ 800 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، اڳوڻين حڪومتن جي قرضن تي وياج جي مد ۾ 5 هزار ارب روپيا ادا ڪري چڪا آهيون، بجيٽ جي تياري جاري آهي، خرچا وڌيڪ گهٽ ڪرڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خطاب ڪندي ڪيو.