اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) و??ير??عظم ??ي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته 1985ع کان شگر ملز لڳائڻ ۽ سبسڊي جو معاملو نيب ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، نيب شگر ڪميشن جي رپورٽ تي 9 شگر ملز کي گذريل 5 سالن ۾ سبسڊي ڏيڻ جي معاملي تي فوجداري ڪارروائي ڪندو، ??يل?? ٽيڪس ۽ بي نامي ٽرانزيڪشنز جو معاملو ايف بي آر ڏانهن موڪليو پيو وڃي، چٽاڀيٽي ڪميشن کنڊ جي ڪاروبار جي 90 ڏينهن ۾ جاچ ڪندي، جعلي روانگي وا??ار ۽ مني لانڊرنگ جي ايف آءِ اي جاچ ڪندي، کنڊ جي قيمتن کي پيداواري لاڳت جي تناسب سان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزير حماد اظهر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڪو به شخص ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي ان جي خلاف ڪارروائي ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته و??ير??عظم ??ي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ جون سفارشون قائدين کي پيش ڪيون. شگر ڪميشن جي سفارشن ۽ ٻين ماهرن جي مشاورت سان ان حوالي سان قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو جن جي منظوري و??ير??عظم ??مران خان بني گالا ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏني.