اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ صوبن کي هدايتون جا??ي ڪيون ويون آهن، حفاظتي قدمن جي ڪري ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي ??و، عوام جو تعاون حڪومتي ڪوششن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ گهڻو اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي صورتحال ج?? حوالي سان جا??زي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال، ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي ڪاٿي ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪ جي مختلف صوبن ۾ ڪورونا مريضن لاءِ موجود بيڊز، آڪسيجن، وينٽي ليٽرز ۽ سهولتن جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ اضافي لاءِ کنيل قدمن جو به جا??زو ورتو ويو.