اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو ت??فظ ۽ زندگي جي هر ??عب?? ۾ هڪجهڙن موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ اقليتي برادري جي قومي اسيمبلي ميم??رن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ميم??رن ۾ جئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.