اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خ??ن سوري ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر حملي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس ۽ دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وا??ثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو، هنن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ملڪ دش??ن عنصر پنهنجي ناپاڪ مقصدن جي لاءِ ملڪ ۾ افراتفري پکيڙين چاهين ٿا.