اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اين سي او سي جو خصوصي اجلاس ??شا??ر ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن جي ميزباني خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ڪئي. اجلاس ۾ اين سي او سي جي خصوصي ٽيم ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کانسوا??ِ ٻين صوبن جي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قرباني جي عيد جي موقعي تي جانورن جي منڊين جي حوالي سان ايس او پيز ۽ انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان سان گڏوگڏ وبا جي موجوده صورتحال کي ڏٺو ويو. عوام جو تفريح ۽ سياحتي ماڳن طرف رخ ڪرڻ جي رجحان ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو. سمارٽ لاڪ ڊائون، هاٽ اسپاٽ جي حوالي سان اپ ڊيٽ ڏني وئي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان اين سي او سي جي ٽيم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي ??شا??ر اچڻ تي ڀليڪار چيو. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جا خيبرپختونخواهه جي ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي حوالي سان ڪوششن کي ساراهڻ تي ٿورا مڃيا. هن چي?? ته هو ان ڪاميابي جو سهرو پنهنجي سڄي ٽيم جي نالي ڪري ٿو. وڏي وزير اين سي او سي فورم کي ساراهيندي چي?? ته اين سي او سي جو قيام مستقل طور تي ر??ڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ صوبن سان ڪوآرڊينيشن ڪئي وڃي ۽ ان کي بهتر طريقي سان منهن ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چي?? ته ٽوئررزم جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ڇ?? ته ٽوئرازم خيبرپختونخواهه جي معيشت جو اهم حصو آهي. جيتوڻيڪ اين سي او سي جي هر فيصلي کي قبول ڪندي ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.