اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ۽ مخا??ف ڌر پاڪستان کي گري ل??ٽ مان ڪڍڻ جي ل??ءِ قانونسازي ۾ ۽ ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪري ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ۽ مخا??ف ڌر هن ايوان ۾ ايف اي ٽي ايف تي قانونسازي ۽ ڪشمير جي معاملي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو. ايف اي ٽي ايف جي گري ل??ٽ مان نڪرڻ جي ل??ءِ هي قانونسازي ضروري هئي. گري ل??ٽ جو تحفو ورثي ۾ مليو. جون 2016ع ۾ پاڪستان گري ل??ٽ ۾ وڃي چڪو هو جڏهن ته ان مان نڪرڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهيندو هو. اسان ڀارتي ارادا ناڪام بڻائڻ جي ل??ءِ ڪوششون ڪيون. ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستان پاران اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو ويو جڏهن ته وڌ??ڪ قانونسازي ايف اي ٽي ايف جي ضرورت هئي. ان قانونسازي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ۽ اپوزيشن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، مثبت قدم کنيو اها خوش آئند?? ڳالهه آهي. جمهوريت جي ارتقا جي عڪاسي آهي. ڪجهه پارٽيون سياسي مفادن ۽ تنگ نظري کان مٿانهون ٿي ان جو ساٿ ڏين ها ته ان جو نقصان نه ٿئي ها ملڪ کي فائدو ٿئي ها. ڪشمير تڪرار تي ڪا ٻي ??اءِ نه آهي. سمورين حڪومتن ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙائي ڏيکاري. سياسي سوچ جدا هجڻ جي باوجود سينيٽ ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ متفقه قرارداد پيش ڪئي وئي. اهو انهن ڪشميرين جي ل??ءِ پيغام آهي هو جيڪي اميد ڪن ٿا ته درد ۽ ڪرڀ جي ان صورتحال ۾ پاڪستاني عوام انهن سان گڏ بيٺل هوندي.