اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته منهنجي والد احمد فراز کي پاڪستاني عوام کان بي مثال محبت ملي، هُن پنهنجي قو?? ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه رکيو، امن، محبت ۽ انسانيت سندس جي ادبي خدمتن ۽ عملي زندگي جو محور رهيو، مون کي سدائين پنهنجي وال?? جي شا??ري مان رهنمائي ملي آهي، نوجوانن کي احمد فراز جي شا??ري ۽ تعليم مان فائدو کڻڻ گهرجي، لکندڙن کي معاشري جي ??هت??ي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻيون پونديون، اهي ئي قو??ون ترقي ڪنديون آهن جيڪي پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي ??اد رکنديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهره آفاق شاعر ۽ اديب احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي انهن جي قبر تي حاضري، فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ احمد فراز جي ??اد ۾ دعائيه گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.