اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز نبي آخر الزمان حضرت محمد ﷺ جي يوم ولادت جي مبارڪ موقعي تي وطن واسين ۽ سڀني مسلمانن کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته پ??ڻ صه سڄي ڪائنات جي لاءِ رحمت العالمين صه بڻجي آيو، ڀٽڪيل انسانيت کي امن ۽ رواداري جي درس سان روشناس ڪراي??، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته معاشرتي مسئلن جو حل انسانيت جي محسن جي اخلاق حسنه جي پ??روي ۾ آهي، هن چيو ته وزيرعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست جي تصور تي فلاحي مملڪت بڻائڻ جو عزم رکي ٿو.