فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه اسان کي اهڙو پاڪستان ورثي ۾ مليو جيڪو قرضن ۾ ٻڏل هو، قرض کڻي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌايا ۽ خرچ ڪري ڪم هلايو ويو، انهن حالتن ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري، موجوده حڪومت ۾ صنعتي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهي ??هي، الله جو شڪر آهي ??ه هن وقت پاڪستان جا اشارا مثبت آهن، تعميراتي صنعت هلي رهي ??هي، ان سان جڙيل صنعتون به هلنديون، ان جي لاءِ به اسان پيڪيج ڏنو آهي، صنعتي عمل جي ??رقي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪنداسين، ڪورونا وبا جي ٻي لهر ڳڻتي جوڳي آهي، اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو ته جئين اسان جون ڪاروباري سرگرميون جاري رهن ۽ غربت نه وڌي، خدا نه ڪري ڪورونا جي ??ورتحال بگڙي ته معيشت به متاثر ٿيندي، هر ڊويزن ۾ هائي ڪورٽ هجڻ گهرجي، مقامي حڪومتن جو اهڙو نظام آڻي رهيا آهيون جنهن سان عوام کي سهولت ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيصل آباد جي ??وانگي واپار ڪندڙن ۽ واپاري برادري جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو،