ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ افغا??ست??ن ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جي ڏس ۾ انٽيليجنس معلومات جي مٽاسٽا ۽ ويجهي تعاون کي ??ڌا??ڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم عمر??ن ان ۽ افغا??ست??ن جي صدر اشرف غني خميس ڏينهن هتي صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغا??ست??ن ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ استحڪام جي لاءِ فوري قدمن جي سلسلي ۾ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان جيڪو پهريون ڀيرو افغا??ست??ن جي دوري تي ڪابل آيو، افغان صدر اشرف غني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، بين الافغ??ن امن عمل ۽ علائقائي اقتصادي ترقي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خ??ن افغان حڪومت کي پاڪستان پار??ن افغا??ست??ن ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ تعاون ۽ جنگ ب??دي جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀرپور حمايت جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته پاڪست??ن افغا??ست??ن جي ڪهڙي طرح جي مدد ڪري سگهي ٿو، هن افغان صدر کي يقين ڏياريو ته هو تشدد ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪندو، وزيراعظم افغا??ست??ن ۾ تشدد جي وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل خيالن جي مٽاسٽا لاءِ ٻ??هي حڪومتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽين جي قيام جي حمايت ڪئي. وزيراعظم عمران خ??ن افغا??ست??ن جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي افغان صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ??ن اعتماد جو اظهارڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي.