اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڏيون معيشتون رکندڙ ملڪن کان موسمياتي تبديلين جي چئلينج جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع سوچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته دنيا جي وڏين معيشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو ??مح?? هوندو ته هو پاڪست??ن جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد لاءِ اڳتي اين??ا ۽ جيڪي گئس خارج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پوريون ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ان معاهدي جي لاءِ وڙهندو جيڪو پنهنجي شهرين ۽ دنيا جي لاءِ آبهوا کان محفوظ مستقبل فراهم ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان موجب برطانوي اخبار دي ٽائمز ۾ شايع پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو ته ع??لم?? آبهوا جي رسڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل آبهوا جي اثرن کي پاڪست??ن جي لاءِ اٺين شديد ترين خطرو قرار ڏنو آهي.