اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وا??رس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪورونا وا??رس سبب 118 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽ??ز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلا??ن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 395 ماڻهن جا ڪورونا ٽ??سٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽ??ز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 81 سيڪڙو، لاهور ۾ 82 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 88 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وا??ن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 75 سيڪڙو، صوابي ۾ 93 سيڪڙو، چارسده ۾ 93 سيڪڙو ۽ گجرانوالا ۾ 85 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلا??ن دوران ڪوويڊ – 19 جا 64 هزار 685 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 923، پنجاب ۾ 37 هزار 775، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 519، اسلام آباد ۾ 6 هزار 178، بلوچستان ۾ 1 هزار، گلگت بلتستان ۾ 565، آزاد ڪشمير ۾ 725 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 46 هزار 652 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽ??ز تي ڪوويڊ 19 جا 509 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 77 هزار 294 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 39 هزار 818 آهي.