اسلام آباد – 11 ̵1; مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته هر جڳهه مافيا ويٺل آهي جيڪا تبديلي اچڻ نه ڏئي رهي آهي، ڪرپٽ نطام مان فائدو کڻندڙ 30 سالن تائين ملڪ کي ڦريندڙ هر قسم جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن، قوم منهنجو ساٿ ڏي مافيا جو مقابلو ڪري ڏيکاريندس، طاقتور کي قانون جي هيٺ آڻڻ جهاد آهي، بيشڪ منهنجي حڪومت هلي وڃ?? اين آر او نه ڏيندس، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ناڻي واري وزير کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي، خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ قيمتون گهٽ آهن، پاڪستان ۾ عدليه آزاد آهي، خوف ڪهڙي ڳالهه جو آهي، عد??لتن ۾ اچي پنهنجي صفائي پيش ڪن، اين آر او جي انتظار ۾ ٻاهر وڃ?? ڇو ويٺا آهن، آبادگار خوشحال ٿي ويا آهن، زرعي سڌارا آڻي رهيا آهيون، آبادگار ڪارڊ متعارف ڪرائي رهيا آهيون، صحت ڪارڊ سان ملڪ ۾ انقلاب ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي تي ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سڌوسنئون سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته ڪورونا جي پهرين ۽ ٻي لهر ۾ قوم تعاون ڪيو ۽ ٽئين لهر ۾ به الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ خوشقسمتي سان خ??ي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي صورتحال تمام بهتر آهي، ڀارت ۾ ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڪري 22 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ هلي ويا آه?? پر پاڪستان ۾ الحمدالله ڀارت، بنگلاديش، نيپال ۽ ايران سميت خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صورتحال بهتر آهي. وزيراعظم قوم کي تاڪيد ڪئي ته اها عيد جي موڪلن دوران خ??ص طور تي احتياط کان ڪم وٺي ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي بزرگن جو خيال رکن ڇو ته اسان جيترو وڌيڪ احتياط ڪنداسين ايترو جلد ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداسين.