لاهور – 06 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي ماحولياتي تبديلين جا شديد خطرا درپيش آهن ??نه?? جي ڪري پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا پيش اچي رهيا آهن، صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ جو ??عاملو پارليامينٽ ۾ افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئي ٿو ??نه?? کي گلوبل وارمنگ جا شديد خطرا درپيش آهن، حڪومت جو بلين ٽري سونامي منصوبو مرحليوار جاري آهي ??نه?? سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي، ??خا??ف ڌر کي فوڊ سيڪيورٽي، ڪورونا وبا ۽ پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. خواهش آهي ته اسيمبلي جو تقدس بحال رکون، حڪومت ۽ ??خا??ف ڌر کي هڪ ٻئي جي موقف جو احترام ڪرڻ گهرجي، ??خا??ف ڌر کي اپيل ڪريان ٿو ته هو ملڪي مسئلن تي بحث لاءِ پارليامينٽ جو ??ورم استعمال ڪري، اسيمبلي فلور تي آزاداڻا فيصلا ڪندو آهيان، شهباز شريف جا ڪيترائي ڀيرا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. هن اهڙن خيالن جو اظهار مزار اقبال تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.