اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي، پارليامينٽ جي ٺاهيل قانونن تي عملدرآمد جو پابند آهي، پرڏيه?? پاڪستاني اسان جا محسن آهن، تحريڪ انصاف سدائين انهن کي ووٽ جو حق ڏ??ڻ جي ڳالهه ڪئي، ??مجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڇو پرڏيه?? پاڪستانين کان ڊنل آهن، پرڏيه?? پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻ?? پاڪستان جي معيشت کي بدلائي ڇڏيو آهي، 90 سيڪرو مٽاسٽا ج?? ناڻو 500 ڊالر کان گهٽ رقم جو آهي، ??نهن پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا ج?? ناڻو اچڻ عمران خان جي قيادت تي انهن جي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم عمران خان جي صد??رت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي.