اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چي?? آهي ته نور مقدم ڪيس جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي اڌ سچ تي ٻڌل ۽ سنسني پکيڙڻ جون خبرون ڏنيون پيون وڃن جنهن سان متاثر خاندان جي دل آزاري ٿي رهي آهي، ا??ان کي هر عورت سان گڏ بيهڻ?? آهي، قانون ٺهڻ گهرجن ۽ انهن تي عملدرآمد به ٿيڻ گهرجي پر ظلم ۽ تشدد اسان جي معاشري مان ان وقت تائين ختم نه ٿيندو جيستائين ذهنيت تبديل نه ٿيندي، نور مقدم ڪيس جي حوالي سان پوليس پنهنجو ڪم ??ري رهي آهي، ماءُ ڀيڻ، ڌيءَ جو بهانو بڻائي عورتن تي ظلم ۽ تشدد ڪيو ويند?? آهي، ا??ان سڀ کان پهرين عورتون آهيون، هر عورت کي ٻي عورت سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ پاڻ کي مضبوط بڻائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ نور مقدم ڪيس ۽ راءِ ونڊ لاهور ۾ مسيحي ٻارڙي عنايا سان پيش ايل واقعن تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته قانون موجود آهن پر پوءِ به عورتن ۽ ٻارن سان واقعا ٿيندا رهندا آهن، ٻارن کي اسڪولن ۾ مار ڏيڻ کان روڪڻ جي حوالي سان قانون منظور ٿي چڪا آهن، جيترا مرضي قانون ٺاهي وٺو جيساتئين ماڻهن جي ذهنيت تبديل نه ٿيندي واقعا ٿيندا رهندا، هن چيو ته نور مقدم ڪيس جي حوالي سان اسلام آباد پوليس ٺيڪ ڪم ??ري رهي آهي، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي غلط خبرون پکڙيون پيون وڃن، پوليس بريفنگ به ڏئي رهي آهي پر اهي ماڻهو ماڻهن جي پرائيويسي جو به خيال ناهن ڪندا، عورت تي ظلم ۽ تشدد نه ٿئي اهو روڪڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ماءُ، ڌيءَ ۽ ڀيڻ جو بهانو نه بڻايو، ا??ان سڀ کان پهرين عورتون آهيون، هن چيو ته عورتن کي خاندان جي عزت جي نالي تي تشدد جو نشانو بڻايو ويند?? آهي. عورت تي ڪنهن به بها??ي سان تشدد ڪرڻ جي سوچ بدلائڻي پوندي، هن چيو ته ننڍن ننڍن ٻارن سان اسڪولن، مدرسن ۽ گهرن ۾ ظلم ٿيند?? آهي، ڪورنگي ۾ جنسي تشدد ??ري نالي ۾ اڇليو ويو، هر جاءِ ظلم ۽ تشدد جو ڪو نه ڪو بهانو ن??ري ايند?? آهي، ا??ان کي قانون سخت ڪرڻا پوندا پر اهو مسئلو ان وقت حل ٿيندو جڏهن ذهنيت تبديل ٿيندي، عورت تي ظلم ۽ تشدد جو ڪو جواز نه آهي، قانون سخت بڻائڻ ۽ ڪميٽيون ٺاهڻ سان صورتحال نه بدلجندي، عورت پاڻ کي مضبوط بڻائي ته مرد عورت تي ظلم نه ??ري سگهندو. سڀني عورتن کي ٻين عورتن سان گڏ بيهڻو پوندو. هن چيو ته نور مقدم سميت ٻين ڪيسن کي گهري نظر سان مانيٽر ??ري رهيا آهيون، هن درخواست ڪئي ته سوشل ميڊيا اڌ سچ تي ٻڌل ۽ سنسني پکيڙڻ جون خبرون نه ڏي ته جئين متاثر خاندان جي عزت برقرار رهي سگهي، هن چيو ته اسان کي هر عورت سان گڏ بيهڻ?? آهي، هن چيو ته ٻارن، ٻارڙين ۽ عورتن جا انساني حق ڏيڻا پوندا، هن چيو ته اسلام زال تي تشدد جي به اجازت نٿو ڏي، پوري ملڪ ۾ عورتن ۾ اهو انديشو وڌي رهي?? آهي ته ملڪ ۾ عورتون محفوظ ناهن.