اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۽ فل??طين جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سببن ?? شامل آهن، مسلمان ملڪ پراڻن مسئلن جي حل سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب پارليامينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عادل بن عبدالرحمان العسومي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عرب پارليامينٽ جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. عرب دنيا ۽ پا??ست??ن جي عوام جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن وچ اوڀر جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته فل??طين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا تڪرار مسلمان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سبنبن ?? شامل آهن. وزيراعظم فل??طين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي حمايت جي لاءِ مسلمان امت جي وچ ۾ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انهن پراڻن تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان مسلمان ملڪن کان مطالبو ڪيو ته دنيا جي مختلف حصن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو گڏجي مقابلو ڪريون. هن وفد کي نئون پا??ست??ن جي حوالي سان پنهنجي ويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پا??ست??ن جي اقتصادي سلامتي جا ٽي ٿنڀ آهن جن ۾ امن، ترقياتي حصيداريون ۽ رابطا شامل آهن. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. هن فل??طين سميت مسلمانن جي مقصدن جي حمايت ۾ پا??ست??ن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. عرب پارليامينٽ جي صدر مسلامن امت کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متفقه طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.