واشنگٽن -14 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪستان جي ??في?? اسد مجيد خان چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ اڃا تائين طالبان کي باقاعده طور تسليم ناهي ڪيو، عالمي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت جي صلاحيت جو جائزو وٺي رهيا آهيون. ڀارت ۾ بنياد پرست حڪومت اسان جي امن قدمن کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنهي ملڪن وٽ امن کا?? سواءِ ڪو ٻيو آپشن ناهي. هن اهڙو اظهار هن آمريڪا جي ميڊيائي اداري ”دي واشنگٽن ڊپلوميٽ“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستاني ??في?? چيو ته هي وقت آهي ته ماضي مان سبق سکجي. اسان جو تسلسل س??ن اهو موقف رهيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، اس??ن اهو به واضح ڪيو ته آمريڪي فوج جي ذميواراڻي واپسي س??ن امن عمل ۾ پيش رفت ٿيندي. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان بين الافغان ڳالهين جي حمايت ڪئي ۽ ان حوالي س??ن اهم پيش رفت به ٿي. هن چيو ته افغانستان ۾ سي??يورٽي صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، طالبان عام معافي جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪهڙي قسم جي به انتقامي ڪارروائين ۾ ملوث ناهي ٿيو. هن چيو ته خدشن جي برعڪس وڌيڪ افغان مهاجرين پاڪستان ناهن آيا. 2 ڏهاڪا اڳ آمريڪا تي بدترين دهشتگرد حملن بابت سوال تي هن چيو ته اسان جون دلي همدرديون سوڳوار خاندانن سان آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو. هن جنگ ۾ اسان جون 80 هزار کا?? وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون. جڏهن ته معيشت کي 150 ارب ڊالرن کا?? وڌيڪ نقصان ٿيو. هن چيو ته اسان پاڻ دهشتگردي جو نشانو بڻياسين ان ڪري متاثرين جو ڏک سمجهي سگهون ٿا. پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان سوال تي ??في?? چيو ته آمريڪا سان پاڪستان جا لاڳاپا هميشه ک??ن اهم رهيا آهن. نائين اليون بعد اس??ن افغانستان کي نظر ۾ رکندي گڏ رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستاني ??في?? چيو ته وال اسٽريٽ جي صحافي ڊينئل پرل جو قتل هڪ سنگين ڏوهه هو م??ن ان جي سوڳوار خاندان سان ذاتي طور تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ڪنهن ماءُ لاءِ اهو صدمو برداشت جوڳو نه هوندو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي مائرون پنهنجي پٽن کا?? محروم ٿيون. اسان کي فوت ٿيلن تي افسوس آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ٻيهر ايئن نه ٿئي.