دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري اف??انستان ۾ نئين حقيقت جو ادارڪ ڪري، اف??انستان کي اڪيلو ڇڏڻ بدران ان سان رابطا وڌائڻ ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، طالبان کي به پنهنجي واعدن جي پاسداري لاءِ هر ضروري قدم کڻڻا پوندا، جامع سياسي ڍانچي جي جوڙجڪ جو واعدو پورو ڪيو وڃي، قومي مفاهمت سان ئي امن کي سگهه ملندي.
شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي وفدن جي سربراهن ۽ اف??انستان ۾ پُهچ جي موضوع تي ليڪٽو سيڪيورٽي ٽريٽي آرگنائزيشن (سي ايس ٽي او) جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اف??انستان جي حوالي سان سي ايس ٽي او جي غير معمولي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جو سبب آهي، اهو هڪ اهڙو معاملو آهي جيڪو بجاطور تي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي، مونکي يقين آهي ته اڄ هتي ٿيندڙ غور ۽ فڪر سان پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال اف??انستان جي ڳولا ۾ گهمندڙ هڪ عام اف??ان شهري جيڪو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال اف??انستان جو خواهشمند آهي،جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
هن چيو ته ويجهي پاڙيسري جي حيثيت سان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان منفي اثرن جي ڪري پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو ۽ پاڪستان جو امن سان گهرو مفاد لاڳاپيل آهي. هن چيو ته اڄ اف??انستان تاريخ جي چوواٽي تي بيٺل آهي، 40 سالن جي تڪرارن ۽ عدم استحڪام کانپوءِ هاڻي جنگ جي خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام جو امڪان پيدا ٿيو آهي، اها صورتحال غير متوقع طور تي اڀري سامهون آئي آهي، غير ملڪي فوج کي هڪ ڏينهن واپس وڃڻو هو، ??سان جي خواهش هئي ته ائين وڌيڪ يقيني ۽ متوقع انداز ۾ ٿئي ها، تنهن هوندي به اف??ان سيڪيورٽي فورسز جو سلسلو وکرڻ ۽ اف??ان حڪومت جو خاتمو ايترو اوچتو ٿيو جنهن جي اميد نه هئي، پوءِ به ڪنهن رتوڇاڻ کانسواءِ اقتدار منتقل ٿيو جيڪو پاڪستان لاءِ گهڻو اطمينان جو سبب آهي.
وزيراعظم عمران خان چيو ته گهرو ويڙهه جو امڪان جنهن جي باري ۾ اسان کي شديد فڪر هو پر اهو ٽري ويو آهي ۽ اف??ان پناهگيرن جي جن وڏي پئماني تي انخلا جو خدشو هو خوش قسمتي سان اهو به نه ٿيو، هن چيو ته اف??انستان ۾ انساني ۽ امڪاني اقتصادي بحران ٻئي فوري ۽ ڏکيا چئلينج آهن، اف??انستان جي اهڙي معيشت جنهن جو دارو مدار غير ملڪي امداد تي هو ۽ هو هڪ ج??گي معيشت هئي، کان پائيدار معيشت طرف قدم وڌائڻ تمام وڏو چئلينج هوندو.
وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي عالمي برادري جي سامهون ٻه رستا آهن، هڪ اهو ته رابطن کي وڌايو وڃي يا وري سوويت انخلا کانپوءِ جهڙي طرح ٿيو ان طرح اف??انستان کي اڪيلو ڇڏيو وڃي، اف??انستان ۾ عدم استحڪام، جهڙوڪ عظيم شاعر علامه محمد اقبال بجا طور تي نشاندهي ئي ڪئي هئي، پوري خطي جو متاثر ڪندو آهي ۽ اف??انستان ۾ استحڪام پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، اف??انستان کي اڪيلو ڪرڻ اسان کي هڪ اهڙي غير مستحڪم صورتحال طرف واپس ڌڪيندو جنهن جو نتيجو خانه جنگي، پاڙيسري ملڪن تي منفي اثر، پناهگيرن جي طوفان، دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ منظم عالمي ڏوهن جي صورت ۾ نڪري سگهي ٿو ان لاءِ اف??انستان سان رابطا وڌائڻ ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.
وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو هو حقيقت پسنداڻي جائزي ۽ عمليت پسند سوچ تي ٻڌل نئين تناظر سان اف??انستان ۾ نئين حقيقت جو ادراڪ ڪري، اسان جي سموري اجتماعي ڪوششن جو مقصد سلامتي جي صورتحال کي مستحڪم بڻائڻ، ڪنهن نئين تڪرار ۽ وڏي پئماني تي عوامي انخلا کي روڪڻ آهي، وزيراعظم چيو ته اهو سڀ اسان جي مفاد ۾ آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته اف??انستان ٻيهر ڪنهن دهشتگرد تنظيم جي محفوظ پناهگاهه نه بڻجي ان سلسلي ۾ طالبان کي پنهنجي واعدن جي پاسداري لاءِ هر ضروري قدم کڻڻا پوندا، اف??انستان ۾ جامع سياسي ڍانچي جي جوڙجڪ جو واعدو به پورو ڪرڻ گهرجي، قومي مفاهمت سان ئي امن کي سگهه ملندي، اهڙي طرح طالبان کي بدنام ڪرڻ ۽ داخلي ڇڪتاڻ کي هوا ڏيڻ جي ڪوششن کي به رد ڪرڻ گهرجي، ڪجهه طرفان اهڙي طرح جي غير دانشمنداڻي سوچ سان چئلينجز حل ٿيڻ جي بدران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندا.
وزيراعظم عمران خان چيو ته عالمي برادري کي ان نازڪ موڙ تي اف??ان عوام سان يڪجهتي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پائيدار عالمي مدد ۽ اقتصادي تعاون سان زندگيون بچائي سگهجن ٿيون ۽ استحڪام پيدا ٿيندو، ??فغانستان جي منجمند اثاثن کي اف??ان عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ به صحيح رخ ۾ قدم هوندو، ??ياست بازي کانسواءِ اف??انستان ۾ انساني صورتحال تي اثر انداز ٿيندڙ انهن معاملن سان دانشمندي سان منهن ڏيڻو پوندو، فوري پاڙيسري جي حيثيت سان پاڪستان امن، ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ اف??انستان جي مدد ڪرڻ جي پاليسي تي مسلسل ڪاربند رهيو آهي، اسان اف??ان امن عمل جي ثابت قدمي سان حمايت ڪئي ۽ سدائين اهو موقف اختيار ڪيو ته مسئلي جو ڪو به فوجي حل نه آهي، نئين صورتحال ۾ اسان تعميري انداز ۾ مصروف عمل رهياسين، اسان باضابطه چرپر ۾ سهولت لاءِ پنهنجون سرحدون کولي رکيون ۽ ٻه طرفي ۽ عبوري واپار ٿيڻ ڏنو، ??سان اف??ان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ غذائي شين ۽ دوائن سان ڀريل جهاز موڪليا.
وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان اندروني طور تي ۽ پنهنجي پاڙي ۾ امن سان هڪ مستحڪم، خودمختيار ۽ خوشحال اف??انستان جو پختو عزم رکي ٿو، هن چيو ته ايس سي ۽ سي ايس ٽي او قدرتي طور تي محفوظ سرحدن، دهشتگردي جي خطري کان پاڪ خطي ۽ وسيع تر اقتصادي هم آه??گي ۽ رابطن جي حوالي سان جڙيل مفادن جو حامل آهي، اچو اف??انستان جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي سفر ۾ گڏجي ان جي مدد ڪريون ۽ دعا ڪريون ته 40 سالن کانپوءِ اف??انستان جي عوام کي آخر ڪار امن ۽ استحڪام نصيب ٿيو.