اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو مقصد قيمتن ۾ اضافي جو بار گهٽ کان گهٽ عوام تا??ين منتقل ڪرڻ آهي، سمورن قدمن جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ آهي. هو ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات وا??ي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظ?? عمران خان ضروري شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جون هدايتون ڏئي رکيون آهن، هن ٻڌايو ته نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جو هفتيوار جلاس اربع ڏينهن وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي سطح تي 22 ڪروڙ عوام جي روزاني جي بنياد تي استعمال ٿيندڙ سين جي قيمتن جو جائزو ورتو ويو. قيمت?? کي ڪيئن عوام جي پهچ تا??ين رکون ان حوالي سان ان پليٽ فارم تان فيصلا سازي ٿي??دي آهي، هن چيو ته وزيراعظ?? عمران خان جي عام ۽ محدود وسيلن وارن ماڻهن جو احساس آهي، موجوده حڪومت جي سمورين پاليسين جو محور ۽ مرڪز عام ماڻهو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪووڊ جي دوران حالتون معمول تي نه آهن، پوري دنيا کي قيمتن ۾ اضافو درپيش آهي، شين جي پهچ لاءِ شپمنٽ ۾ بي شمار اضافو ٿيو آهي.