اسلام آباد – 09 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ش??باز شريف ۽ حمزه ش??باز ??ي شگر ملز ڪيس ۾ 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ 30 آ??ٽو??ر تائين ضمانت ملي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان ڪيس ۾ انهن اڪائونٽس جا تفصيل ڏسي سگهجن ٿا جيڪي رڳو انهن وڏن ڪرپشن ڪيسز مان رڳو هڪ ڪيس جا آهن. مخالف ڌر چاهي ٿي ته احتساب جو عمل ڇڏي اڳتي وڌيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي ??زير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انهن شڪي اڪائونٽس جا تفصيل پڻ شيئر ڪيا جنهن ۾ شهباز شريف اينڊ فيملي جي ڪلرڪن ۽ چپڙاسين جي نالن تي ٺاهيو ويو شڪي اڪائونٽس مان 25 ارب رپيا منتقل ڪيا ويا.