اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، حقيقتون هي آهن ??ه مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ غير ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو اضافي سان 8 ارب ڊالر، روانگي واپار 38 سيڪڙو جي اضافي سا?? 7 ارب ڊالرز آهي، 30 سالن کانپوءِ ڪنهن وز??راعظم زراعت تي ڌيان ڏنو آهي جنهن ??ان پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته ايف بي آ?? پهرين ٽه ماهي ۾ 38 سيڪڙو اضافي سان 1395 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 28 سيڪڙو اضافي سان 4.437 ارب ڊالر آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾42.7 سيڪڙو اضافي سان 635 ملين ڊالر جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ??ه لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ جولاءِ آگسٽ جي پهرين ٻن مهينن ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، ??ن چيو ته خريف جي فصلن ۾ شروعاتي اطلاعن موجب ڪمند جي پيداوار ۾ 25 سيڪڙو اضافو، ??ڪئي 18 سيڪڙو اضافو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو اضافو متوقع آهي، انشاءُ الله ڪڻڪ جي آئينده پيداوار ۾ به رڪارڊ اضافو ٿيندو.