اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي ??چ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪ?? جي عوام دوستي ۽ محبت جي ??ازوال رشتي ۾ جڙيل آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم عمران خان جا پ??ڻ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت کي درپيش مسئل?? جي حل لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اها ڳالهه هن ترڪي جي 98 هين سالگرهه جي ??وقعي تي ترڪ سفارتخاني ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته ترڪي جي ??ومي ڏينهن جي ??وقعي تي ترڪ ڀائر?? جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي ??چ ۾ دوستي ۽ محبت جو لازوال رشتو سدائين قائم رهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪي جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو، تقريب ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام ??رو?? خان، بحري معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي به موجود هئا.