اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا جو مستقبل انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائبر صلاحيتن سان واڳيل آهي، يونيورس??يو?? ملڪ جو سائبر دفاع مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏين، ملڪ ۾ آء?? ٽي شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل يوينورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورس??يو?? آن لائين ??عليمي مواد جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تحقيقي منصوبن ۾ عالمي يونيورسٽين ??ان حصيداري قائم ڪن. پرو ريڪٽر نسٽ ايئر وائيس مارشل ڊاڪٽر رضوان رياض صدر کي يونيورسٽي بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته نسٽ جي 8 ڪئمپسز ۾ 18 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم ه??ٺ آهن. نسٽ انجنيئرنگ، آء?? ٽي، بائيو ۽ سوشل سائنسز ۾ تعليم مهيا ڪري رهي آهي. صدر معياري تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي انتظاميا جي ڪردار کي ساراهيو.